اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ترقي پسند، جمهوري ۽ پرامن قوم طور اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسان کي ماضي جي غلطين کي وساري مستقبل طرف ڏسڻو پوندو، تڪرارن کان بچڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اسان پنهنجي سمورن پاڙيسري?? سان سٺن ??اڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ سينٽر فار افغانستان، مڊل ايسٽ اينڊ آفريقا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ فار پيس (يو ايس آئي پي) جي تعاو?? سان ”خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ان اکان اڳتي: پاڪستان جو ڪردار“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خط??ب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هڪ اهڙي قوم بڻجڻ چاهيون ٿا جيڪا پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال ڪرڻ ڄاڻندي هجي ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏي. هن چيو ته دنيا جي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کان بچڻ پاڪستان جي مفاد ۾ ??هي. حڪومت پنهنجي عوام ۽ ملڪي معيشت تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جا چين ۽ ايرا?? سان لاڳاپا اڳ ۾ ئي سٺا آهن جڏهن ته اسان پنهنجي ٻين پاڙيسري?? سان پڻ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا وچ اوڀر سان لاڳاپا تمام سٺا آهن، تيل جي دولت سان مالامال انهن ملڪ?? سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ??هي. هن چيو ته پاڪستان افغانستا?? سان عملي طور تي بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، افغانستا?? سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جي باوجود هيستائين گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته بدقسمتي سان ويجهي ماضي ۾ اسان جي سرزمين تي 24 خودڪش حملا ٿيا جن مان 14 افغان شهرين ڪيا. هن چيو ته ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود اسان پاڙيسري ملڪ افغانستا?? سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت تازو ئي معيشت کي مضبوط بڻائڻ، واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي تحت ڪيترائي قدم کنيا آهن، اسان جو سمورو ڌيان معيشت ۽ واپار تي ??هي.