اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پ??ڏيه?? وزير جليل عباس جيل??ني غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي انس??ني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي ??هر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نگران پ??ڏيه?? وزير جليل عباس جيل??ني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انس??ني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پ??ڏيه?? وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيه?? وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.