اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? جمهوريه ڪوريا ۽ پ??ڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريه ڪوريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ??وريا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي اط??اعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پ??عزم قيادت جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستا?? ڏکڻ ڪوريا کي اقتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ڏسي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي 40 سالا سفارتي لاڳاپن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.