اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جا قدم س??راهه جوڳا آهن، اين ڊي ايم ا?? صوبائي ادارن سان تعاون سان ان جي سگهه وڌائڻ ۾ انهن جي مدد ڪري، ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلين جي موثر اثرن سان گڏوگڏ دنيا کي پنهنجي تجربي کان پڻ آگاهه ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو جتي نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ملڪ ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان تيارين، آفتن کانپوءِ بحالي جي ڪمن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز اج??اس ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني، ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ بريفنگ ۾ گڏ هئا. اج??اس کي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته اين ڊي ايم اي تحت پاڪستان ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار آهي جنهن ۾ قدرتي آفتن جي ٻه مهينا اڳ جي اڳڪٿي ۽ ان جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي شامل آهي. اج??اس کي ڪوپ – 28 جي ڏس ۾ بريفنگ ڏيندي پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان لاڳو خطرن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جي ڪري گليشيئرز ۾ گهٽتائي، ٻوڏ، برفاني ڇِپن، لينڊ سلائيڊنگ، ٻيلن کي باهه ۽ ٻيا خطرا درپيش آهن. اج??اس کي اين ڊي ايم اي پاران موبائيل ڊيزا??ٽر?? وهيڪلز، سيٽلائيٽ مانيٽرنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان قدرتي آفتن جي هائي رسڪ علائقن جي مانيٽرنگ جي طريقيڪار بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته اين ڊي ايم اي ان حوالي سان سموري معلومات صوبائي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميا کي به فراهم ڪري ٿي ۽ موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ قدرتي آفتن جي موثر اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ڪري رهي آهي. اج??اس کي موسمياتي تبديلي جي زراعت، معيشت ۽ مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي اثرن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جي قدمن کي ساراهيندي اين ڊي ايم اي ک?? صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان تعاون سان هڪ قومي حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته اين اي او سي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سڄي دنيا بشمول پاڪستاني ماهرن جي تحقيق مان فائدو ورتو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلي جي موثر اثرن سان گڏوگڏ دنيا کي پنهنجي تجربن کان پڻ آگاهه ڪندو. هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي جي ملڪ ۾ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم س??راهه جوڳا آهن. اين ڊي ايم ا?? صوبائي ادارن سان تعاون سان انهن جي سگهه وڌائڻ ۾ مدد ڪري. نگران وزيراعظم اين اي او سي جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي ڪم ڪندڙ آفيسرن، نوجوانن ۽ ماهرن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.