استنبول – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي گهرواريءَ خ??تون او?? بيگم سعديه رحمت الله غزه ۾ گهيريل فل??طي??ي عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي طاقت جي استعمال جي مذمت ڪندي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري کي اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. استنبول ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب ترڪيه جي خاتون او?? ايمن اردوان جي دعوت تي خاتون او?? بيگم سعديه رحمت الله فل??طي?? جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي منعقد يونائيٽيڊ فار پيس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. بيگم سعديه رحمت الله پنهنجي خطاب ۾ فل??طي??ي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غز?? ۾ ??ن وقت محصور عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ طاقت جي استعمال جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل پاران غيرانساني ڏاڍ ۽ ظلم هڪ جنگي ڏوهه آهي ۽ عالمي برادري کي اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جنگ بندي ۽ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن تي زور ڏنو ته جيئن غزه جي ماڻهن تائين خوراڪ ۽ دوائون بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهن. هن فل??طي?? مسئلي جي عالمي قانون، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، ٺوس ۽ پائيدار حل تي زور ڏنو. هن تازو ئي منعقد ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي سربراهي غيرمعمولي اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته پاڪستان فل??طي??ين جي لاءِ امدادي کيپ موڪلي آهي ۽ غزه جي لاءِ هڪ بنا روڪ ٽوڪ ۽ غيرمشروط انساني لنگهه قائم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ امداد موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو. بيگم سعديه رحمت الله ترڪ خاتون او?? ايمن اردوان جو غزه سميت والاريل فل??طي??ي علائقن جي خراب صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اجلاس منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.