اسلام ??باد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت ڪندي ان کي ڀارت ۾ مسلمانن جي پسماندگي وڌ??ئڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان موجب صديون پراڻي مسجد کي 6 ڊسمبر 1992ع تي انتهاپسند هندوئن جي هجوم شهيد ڪري ڇڏيو هو، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هندستان جي اعليٰ عدليه نه رڳو ان ڪڌي فعل جي ذميوار ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر ٺاهڻ جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ”رام مندر“ جي تعمير جي مذمت ڪري ٿو. اه?? هندستاني مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي پسماندگي جي لاءِ جاري ڪوششن جو هڪ اه?? رخ آهي. شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ٺاهيل مندر ايندڙ وقتن ۾ هندستان جي جمهوريت جي چهري تي ڪارو ڌٻو بڻجندو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان چيو ته ڀارت ”هندوتوا“ نظريي جي وڌندڙ لهر مذهبي هم آهنگي ۽ علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏ??هن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل عالمي ادارن کي ڀارت ۾ اسلامي ثقافتي جاين کي انتهاپسند گر??هن کان بچائڻ ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.