اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقصاد?? لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ – برطانيا لاڳاپن کي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوام?? لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برطانوي هاءِ ڪ??شن?? جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ۽ برطانوي هاءِ ڪ??شن?? ملاقات دوران ٻطرف?? اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي مل??ن جي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوام?? لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. صدر آصف علي زرداري مل?? جي معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته معيشت جو استحڪام اولين ترجيح آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان ج?? لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي ڇو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل مل??ن ۾ شامل آهي. هن هاءِ ڪ??شن?? کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 600000 هيڪٽر ايراضي تي ٻڌل تَمر جا ٻيلا آهن جيڪي سامونڊي ماحولياتي نظا?? کي سهارو ڏيڻ کانسواءِ ماحولياتي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، شمسي ۽ هوائي ذخيرن سان مل??ي توانائين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ملاقات ۾ برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ پرنسز آف ويلز ڪيٿرين مڊلٽن ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جين ميريٽ صدر آصف علي زرداري کي صدارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.