اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ وفاق، صوبن ۽ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، ورڇ واري سياست جو خاتمو ۽ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان جو هدف آه?? ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آه?? جڏهن وفاق، صوبا، پاڪ فوج ۽ سمورا ادارا ان عظيم مشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، سمورن چيف سيڪريٽريز، آءِ ج??ز پوليس ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ نئين حڪومتن کي قائم ٿيندي 24 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آه??، هن وقت اسان جي سڀ کان وڏي ۽ اهم مصروفيت مختلف چئلينجز کي سمجهڻ ۽ تيز رفتاري سان انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم ۽ پاليسيون ٺاهڻ آه?? ته جيئن معيشت کي گڏجي سنڀالي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ورڇ واري سياست جو خاتمو ۽ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان سڀني جو وڏو هدف آه?? ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آه?? جڏهن وفاق، صوبا، پاڪ فوج ۽ سمورا ادارا ان عظيم مشن جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪن. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ غيرقانوني واپار ۽ اسمگلنگ جي ڪري پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آه??، 23 – 2022ع ۾ کنڊ جي پيداوار کي سامهون رکي اتحادي حڪومت اڍائي لک ٽن کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏ??ي، بعد ۾ ڪاٿي تي نظرثاني کانپوءِ ان تي پابندي هنئي وئي پر ان جي باوجود افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ ٿي، بجلي جي شعبي ۾ 400 کان وٺي 500 ارب رپين تائين جي چوري جو اندازو آه??، سسٽم ۽ ٽرانسميشن جا نقصان ان کانسواءِ آه??، پيٽروليم جي شعبي ۾ به چوري ٿي رهي آه??، اهڙي طرح جيتريون اوڳاڙيون اچڻ گهرجن اوتريون اسان کي نه ملي رهيون آه??، اهڙي طرح ڪرپشن ۽ ليڪيجز جي ڪري چار کرب جي لڳ ڀڳ اهي اوڳاڙيون حاصل نه ٿي رهيون آه?? جيڪي ملڻ گهرجن ها. وزيراعظم چيو ته هن وقت 2700 ارب رپين جي اوڳاڙين جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آه??، جيڪڏهن ان جو اڌ حصو به اسان کي ملي وڃي ته اسپتالون، رستا، نوان منصوبا شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ قرضن تي دارومدار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته نگران دور ۾ 58 ارب رپين جي بجلي چوري ريڪور ڪئي وئي، اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان پڻ بهتري ڏسڻ ۾ آئي، اهو سڀ نظام ۾ بهتري، عزم،. صوبن جي تعاون ۽ آرمي چيف جي ذاتي عزم ۽ ادارن جي تعاون سان ممڪن ٿيو، پاڪستان جي ان خدمت تي اڳوڻي حڪومت ۽ آرمي چيف جا ٿورا مڃون ٿا، جيڪڏهن 9 مهينن جي مدي ۾ 58 ارب ملي سگهن ٿا ته ڪو سبب نه آه?? ته اسان باقي رقم حاصل نه ڪري سگهون، ان جو دارومدار اسان جي ارادي تي آه??، جيڪڏهن اسان مضبوط ارادو ڪري وٺون ته مشڪلاتون ختم ٿي سگهن ٿيون، وفاق، صوبن ۽ سمورن ادارن جي گڏيل ذميواري آه?? ته ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍون، وسيلن ۾ اضافو ڪريون ۽ قرضن تي دارومدار کي گهٽ ڪيو وڃي، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي صنعت ۽ حرفت ۽ زراعت کي فروغ ڏيڻو پوندو، ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تان هڪ طريقيڪار جوڙيو ويو آه??، اسان کي ڪرپشن جو 100 سيڪڙو خاتمو ڪرڻو آه?? ۽ اها سڀني جي گڏيل ذميواري آه??. وزيراعظم چيو ته مسئلن ۽ چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪريون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنداسين، ايف بي آر جي 100 سيڪڙو ڊيجيٽلائيزيشن ڪري رهيا آه??ون، ايندڙ مهيني کان صلاحڪارن جي مقرري ٿيندي ۽ اپريل جي وچ ڌاري ٻولي ڏني ويندي، ان عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته عبوري دور جي لاءِ ايف بي آر ۾ سٺن آفيسرن کي آندو ويندو، خراب ڪارڪردگي رکندڙ آفيسرن جي خلاف سخ?? ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اڳاڙين بابت ٽربيونلز ۾ ڪيترن ئي سالن کان التوا هيٺ ڪيس پيل آه??، اوڳاڙين بابت ڪيسن جي جيڪڏهن اڌ رقم به اسان کي ملي وڃي ته ملڪ کي قسمت بدلجي سگهي ٿي، حڪومت ٽربيونلز جي سربراهن کي ميرٽ تي مقرر ڪندي، لمز ۽ نسٽ ۾ لکت وارا امتحان ورتا ويندا، زباني انٽرويو جي لاءِ پڻ بهتر طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هن وقت انهن ڪيسن جي حوالي سان وڪيل ٻنهي طرفن کان مليل آه??، تاريخ تي تاريخ ڏني پئي وڃي جنهن سان ملڪي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آه??. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري جي لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته بشام دهشتگردي واقعي جي ذريعي ملڪ جي مستقبل ۽ پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آه??، مون گهرو وزير کي ان حوالي سان هدايت ڪئي آه?? ۽ کيس چيو آه?? ته هو پوري طرح سان ڪم ڪري، صوبن ۾ وڃي ته جيئن گڏيل مشاورت ۽ تعاون سان مسئلن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آه?? پر مون کي پورو يقين آه?? ته پاڪستاني قوم محنت آه?? ۽ اسان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.