اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) جمهوريه از??ڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب گادي واري شهر اچڻ تي از??ڪ پرڏيهي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ايشيا ۽ اي سي او اعزاز خان سندس استقبال ڪيو. دوري دوران پرڏيهي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ??الهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.