بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ چين دوستي ??لا??قائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي، پاڪستان تائيوان ۽ ڏکڻ بحيره چين سميت سمورن بنيادي معاملن تي چي?? جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور کانپوءِ چي?? جي پرڏيهي وز??ر وانگ زي سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستا?? جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چين پاڪستا?? جي ??لا??قائي سالميت، خودمختياري ۽ سلامتي تي پنهنجي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو، ڪشمير مسئلي تي چي?? جي مسلسل حمايت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين پاران گرمجوشي تي ٻڌل استقبال کي ساراهيندي چيو ته منهنجي ۽ پاڪستاني وفد جي بهترين مهمان نوازي تي چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته منهنجي چي?? جي نائب وزيراعظم سان مختلف موضوعن تي تعميري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سي پيڪ، ??لا??قائي، جاگرافيائي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ چي?? جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو، ايم ايل ون، گوادر بندرگاهه، کاڻي?? جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد پناهگاهن کي ختم ڪري، شانگلا حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، چي?? جي قيادت سان شانگلا حملي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهراهه قراقرم ٻنهي ملڪ?? جي واپاري ل??ڳا??ن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ايندڙ سال پاڪ چين مثالي دوستي جي 73 هين سالگرهه هوندي. ان موقعي تي چي?? جي پرڏيهي وز??ر وانگ زي چي?? جي ون چائنا پاليسي تي پاڪستاني موقف کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته چين پاڪستان سان ل??ڳا??ن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ حصيدار آهن، پاڪ چين دوستي پهاڙ وانگر مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪ چين ل??ڳا??ا ??لا??قائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهن، نائب وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد اسحاق ڊار جو چين جو دورو اهميت رکندڙ آهي، نائب وزيراعظم کي چي?? جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا. چي?? جي پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ دوستي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، چين ۽ پاڪستان جا ل??ڳا??ا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.