اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي ??عاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ويندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي ??عاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي ??عاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي ??ابطن ۽ ت??اون کي اهميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو جيڪو ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالمي تنظيمن کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن جي فائدي جي لاءِ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراع??م سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن ??ان ملاقاتون پڻ ڪندو.