اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ”فچ“ پاران پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رياست ج?? خاطر سياست ج?? قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو اعتراف آهي، ناڻي و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ مالياتي ٽيم جي محنت ۽ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته رياست ج?? خاطر سياست ج?? قرباني جو ثمر اڄ معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي، پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ صحيح معاشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي س??ارن جي ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ان جا ثمر عوام تائين پهچائي س?? جو ساهه کڻنداسين، فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون پاڪستان جي معاشي بهتري جي حوالي سان اهم آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي بهتري جي رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌنداسين، اميد آهي آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان پڻ معاشي بهتري جي هڪ ٻي جهلڪ ??هي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، ڪاروبا??ي سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.