اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي، ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مج??وع?? معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي، معيشت جا اهم انگ اکر بهتري جي عڪاسي ڪري رهيا آهن، زرعي پيداوار، روانگي واپار ۽ ناڻي واڌ ۾ اضافي جو رجحان برقرار رهندو، وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ اضافو ۽ ناڻي واڌ جي شرح ۾ ترتيبوار گهٽتائي سا?? معيشت جي بهتري جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپڊيٽ مطابق ??ال?? سا?? 2024ع دوران پاڪستان جي معيشت، استحڪام جي راهه تي گامزن ٿي ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي، گذريل ??ال?? سا?? جي پهرين 11 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي خساري ۾ گهٽتائي ٿي، زرعي شعبي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته وڏين صنعتن جي پيداوار ٽيڪ اپ پوزيشن تي اچي وئي. رپورٽ مطابق ??ال?? سا?? 2024ع ۾ زرعي ٽريڪٽرن جي پيداوار ۾ 43.5 سيڪڙو جي شرح سا?? اوسر رڪارڊ ڪئي وئي، زرعي قرضن جو ڪاٿو 1972.8 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل ??ال?? سا?? جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پنجاب ۾ 1.304 ??لين ايڪڙ ايراضي تي ڪپهه جي پوک رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 1.680 ملين ايڪڙ هو. سنڌ ۾ 0.555 ملين ايڪڙ ايراضي تي ڪپهه جي پوکي ٿي جڏهن ته هدف 0.630 ملين ايڪڙ مقرر ڪيو ويو هو، خريف جي موسم ۾ ڀاڻن جي کپت جو ڪاٿو 1210 هزار ٽن هو، جيڪو گذريل خريف جي ڀيٽ ۾ 18.1 سيڪڙو گهٽ آهي. ڊي اي پي جي کپت جو ڪاٿو 256 هزار ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سيزن جي ڀيٽ ۾ 6.8 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته ان باوجود سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪپهه لاءِ سٺن ٻجن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي، جنهن سبب پيداوار ۾ اضافي جي اميد آهي، گذريل ??ال?? سا?? دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ هڪ سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مئي ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ سا??ياني بنيادن تي 7.3 سيڪڙو ۽ ماهوار بنيادن تي 7.5 سيڪڙو جو نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو. سيمينٽ جي کپت ۾ 1.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ مج??وع?? طور تي 45.3 ملين ٽن سيمنٽ جي کپت رڪارڊ ڪئي وئي. مقامي کپت جو ڪاٿو 38.2 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سا?? جي ڀيٽ ۾ 4.6 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته سيمنٽ جي روانگي واپار ۾ 55.7 سيڪڙو جي شرح سا?? اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مج??وع?? طور تي 7.1 ملين ٽن سيمنٽ جو روانگي واپار ڪيو ويو. رپورٽ مطابق جون ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو عام انگ 12.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مئي ۾ 11.8 سيڪڙو ۽ گذريل سا?? جون ۾ 29.4 سيڪڙو هو. سراسري سا??ياني ناڻي واڌ 29.2 سيڪڙو مان گهٽجي 23.4 سيڪڙو جي سطح تي آئي. رپورٽ مطابق گذريل ??ال?? سا?? جي پهرين 11 مهينن ۾ ??ال?? خساري کي جي ڊي پي جي شرح سا?? 5.5 سيڪڙو جي سطح کان گهٽائي 4.9 سيڪڙو جي شرح تي آندو ويو. پرائمري بئلنس جو ڪاٿو 1620.5 سيڪڙو ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جي ڊي پي جو 1.5 سيڪڙو ٺهي ٿو. گذريل ??ال?? سا?? جي پهرين 11 مهينن ۾ مج??وع?? وفاقي ٽيڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 6202.6 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل کان به پوئين سا?? جي ڀيٽ م 49 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نان ٽيڪس روينيو ۾ 90 سيڪڙو جي شرح سا?? اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ايف بي آر جي مج??وع?? ٽيڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 9311 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل کان به پوئين سا?? جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سڌي ريت ٽيڪسن ۾ 38.5 سيڪڙو جڏهن ته سيلز ٽيڪس، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 19.6 سيڪڙو، 56.1 سيڪڙو ۽ 18.5 سيڪڙو جي شرح سا?? اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت مطابق روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ اضافي سبب ??ال?? سا?? 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو خسارو 0.7 ارب ڊالرن تائين محدود ڪيو ويو، جيڪو ??ال?? سا?? 2023ع ۾ 3.3 ارب ڊالر هو. مختلف شين جي روانگي واپار جو ڪاٿو 31.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سا?? جي ڀيٽ ۾ 11.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آمدني واپار جو ڪاٿو 53.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ??ال?? سا?? 2023ع ۾ 52.3 ارب ڊالر هو. مج??وع?? واپاري خساري جو ڪاٿو 22.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل کان پٺئين ??ال?? سا?? ۾ 24.8 ارب ڊالر هو. گذريل ??ال?? سا?? دوران سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 1.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل کان پوئين ??ال?? سا?? جي ڀيٽ ۾ 16.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ چين، برطانيه ۽ ٻين دوست ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو. بجلي جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 799.9 ملين ڊالر جي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا مج??وع?? سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو 42.1 سيڪڙو ٺهي ٿو. تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ 303.6 ملين ڊالرن جي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل ??ال?? سا?? دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي جو ڪاٿو 30.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو ??ال?? سا?? 2023 جي ڀيٽ ۾ 10.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڪاٿو 12 جولاءِ تي 14.7 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 9.4 ارب ڊالر هو. رپورٽ مطابق ??ال?? سا?? 2024ع ۾ زر وسيع (ايم 2) ۾ 15.5 سيڪڙو جي شرح سا?? اوسر رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ بئنڪنگ شعبي جي مج??وع?? پرڏيهي اثاثن اهم ڪردار ادا ڪيو. نجي شعبي طرفان قرض وٺڻ جي شرح ۾ اضافو ٿيو ۽ ??ال?? سا?? 2024ع ۾ ان شعبي کي 368.4 ارب رپين جو قرض فراهم ڪيو ويو جيڪو ??ال?? سا?? 2023ع ۾ 208.3 ارب رپيا هو. ناڻي واري وزارت مطابق گذريل سا?? سيپٽمبر کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جو رجحان شروع ٿيو. جون ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 2566 پوائنٽس جو نمايان اضافو ٿيو. جون جي پڄاڻي تي انڊيڪس 78445 پوائنٽن تائين پهچي ويو هو. جون ۾ مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ 205 ارب رپين جو اضافو ٿيو. رپورٽ مطابق محدود ??ال?? گنجائش باوجود حڪومت معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي رليف فراه ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. مئي 2024ع ۾ غربت جي خاتمي لاءِ فنڊ24 شراڪتدار ادارن جي سهڪار سا?? 28 هزار 913 بنا وياج جي قرض فراهم ڪيا جنهن جو ڪاٿو 1.38 ارب رپيا هو. فيبروري 2023ع کان مارچ 2024ع جي مدي ۾ حڪومت هڪ لک 40 هزار 202 مستحقن ۾ 83.68 ارب رپين جا قرض ورهايا. اهي قرض وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت فراهم ڪيا ويا. ان کان علاوه حڪومت ٽن مهينن لاءِ 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ سبسڊي جو به اعلان ڪيو آهي. رپورٽ مطابق ??ال?? سا?? 2025ع لاءِ زرعي شعبي جي ترقي جو هدف 2 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي جڏهن ته گذريل سا?? ان شعبي جي سٺي ڪارڪردگي سبب هلندڙ ??ال?? سا?? ۾ به نمايان بهتري جو امڪان آهي. لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ فاريسٽري جي شعبن ۾ به اضافي جو رجحان جاري آهي. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ گذريل ??ال?? سا?? جي آخر ۾ بهتري شروع ٿي ۽ اهو عمل هلندڙ ??ال?? سا?? ۾ به برقرار رهندو. رپورٽ مطابق جولاءِ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 12 سيڪڙو کان 13 ۽ آگسٽ ۾ 11 کان 12 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. اهڙي طرح ماهوار روانگي واپار جو ڪاٿو 2.4 کان 2.7 ارب ڊالر ۽ آمدني واپار جو ڪاٿو 4.5 کان 4.9 ارب ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان آهي.