اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت، پ??دا??ار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زرعي سائنسدانن ۽ پاليسي سازن تي زور ڀريو ??هي ته هو ملڪ ۾ غذائي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي زرعي ش??بي جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. سيڊ پوٽو ڪامپليڪس ۽ پٽاٽي جي ٻج جي پ??دا??ار ۽ سپلائي چين تي عالمي سمپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان زرعي معيشت جي باوجود غذائي شيون ٻاهران گهرائي رهيو ??هي. ان تقريب جو اهتمام پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) ڪورين پروگرام آن انٽرنيشنل ايگريڪلچر (ڪوپيا) جي تعاون سان ڪيو هو. ان جو مقصد مقامي فصلن جي پ??دا??ار کي وڌائڻ ۽ امپورٽ جوڳو اضافو پيدا ڪرڻ لاءِ وائرس کان پاڪ پٽاٽي جو ٻج پيدا ڪرڻ آهي. تقريب ۾ جمهوريه ڪوريا جي سفير، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ڪوپيا جي سينئر عملدارن کانسواءِ قومي ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن، ترقياتي شراڪتدارن، زرعي سائنسدانن، ماهرن، نجي ش??بي جي تنظيمن، اين جي اوز ۽ ترقي پسند آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين زرعي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ ۽ آبادگارن تائين ان جي موثر پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پبلڪ ??را??يويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ??ه هي مقامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورن وڏن ۽ ننڍن فصلن جي في ايڪڙ پ??دا??ار وڌائڻ لاءِ اهم آهي. هن چيو ??ه پٽاٽو ملڪ ۾ هڪ اهم ڪيش ڪراپ ۽ ٽيون نمبر سڀ کان وڏو خوراڪ وارو فصل آهي، جيڪو مختلف موسمن ۽ خطن ۾ 837669 ايڪڙ تي پوکيو ويندو آهي. هن وضاحت ڪئي ته ايرو پونڪ گرين هائوس جي قيام سان پٽاٽي جي ٻج جي معيار ۾ اضافو ٿيندو. جديد تحقيق ۾ مدد ملندي ۽ مقامي آبادگارن کي معياري ٻج جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو. راڻا تنوير حسين اهو به ٻڌايو ??ه پٽاٽي جي ٻج جي مقامي پ??دا??ار سان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ مقامي آبادگارن کي سستي اگهه تي ٻڄ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ??ه حڪومت زرعي ش??بي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان جي ترقي ۾ مدد لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن روشني وڌي ته ٻيا ملڪ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي منصوبن تي تعاون ڪري رهيا آهن، جنهن سان مقامي زرعي پ??دا??ار ۽ ش??بي جي ترقي کي سگهه ملندي. وزير اهو نوٽ ڪندي نتيجو ڪڍيو ??ه ڪوپيا جي امداد پاڪستان کي غذائي تحفظ ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار زرعي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.