اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مستونگ ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ۾ بي ايل اي جي 3 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر علي جي شهادت جي ذميوار دهشتگردن کي عبرتناڪ ??نجام تائين پهچايو. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز باصلاحيت ۽ پروفيشنل آهن، قوم کي پنهن??ي بهادر سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن لاءِ محنت سان فرض نڀائي رهيا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ عدم استحڪام جي هر سازش کي ناڪ??م بڻائينداسين.