رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير محس?? نقوي رحيم يار خان ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حملي آورن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو. گهرو وزير شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن ج?? عيادت ڪئي. گهرو وزير محس?? نقوي سمو??ن پوليس اهلڪارن وٽ ويو ۽ کائن طبيعت پڇي. گهرو وزير محس?? نقوي زخمي اهلڪارن جي بلند حوصلن کي سارا??يو. هن اسپتال انتظاميه کي زخمين جي بهترين علاج جي حوالي سان پڻ هدايتون ڏنيون. ڪالهه گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته اوهان جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيان ٿو، اوهان پنجاب پوليس جا بهادر نوجوان آ??يو. محس?? نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏنو ويندو ان سلسلي ۾ اسان سفارش ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جن اهو حملو ڪيو آهي انهن جو عبرتناڪ انجام ڏيندو، هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. وفاقي حڪومت سموري مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ آئنده به ڪندي رهندي، رينجرز به موجود آهي. ڊي جي رينجرز پنجاب، انسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب، اعليٰ ۽ سول عسڪري عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.