اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج جي خل??ف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جرئتمندي جو ??ظاهرو ڪندي دهشتگردن کي ماريو. هن آپريشن ۾ ج??انن جي شهادت تي ??نه?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. صدر چيو ته ملڪ ۾ امن امان تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، ملڪ جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.