اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي س??را??يندي چيو آهي ته پاڪست??ن چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪستان اقت??اد?? لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن س??را??ه جوڳو آهي، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.