اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چ??و آهي ته ملڪي معاشي ترقي ۽ ادارن کي جدت سان روشناس ڪرائڻ ۾ سي او اوز ۽ سفارتڪارن جو وڏو هٿ آهي، اڄ اس??ن معاشي چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪرڻ لاءِ عدم اس??حڪام، معاشي بحالي ۽ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظاهر هن ڪالهه هتي ”پاڪست??ن جي 100 ڪاميابي ترين سي او اوز ۽ سفارتڪار“ جي موضوع تي ٻَڌل ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. احسن اقبال چ??و ته اڄ مان هڪ اهڙي ذهنن آڏو آهي??ن جيڪي پاڪست??ن جي مستقبل جي جوڙجڪ ڪرڻ وارن انتهائي بااثر ذهنن کي گڏ ڪري ٿو. ملڪ ۽ معاشي ترقي ۽ ??ن جي ادارن کي جدت سان روشناس ڪرائڻ ۾ انهن ماڻهن جو وڏو هٿ آهي. هي قوم جا اهي معمار آهن جيڪي اس??ن جي قوم کي اڳتي وڌائڻ ۾ قيادت، پيداواريت، جدت ۽ معياريت جي علامت آهن. هن چيو ته مان اعجاز نثار ۽ سندس ٽيم جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن کي گڏ ڪرڻ تي دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، اوه??ن جو اهو عزم اس??ن جي معاشي اس??حڪام ۽ اس??ن جي قوم جي روشن مستقبل جي دليل آهي. احسن اقبال چ??و ته آزادي جي 77 سالن کان پوءِ به پاڪستان هڪ نازڪ دؤر مان گذري رهيو آهي، اڄ اس??ن معاشي چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، قدرت اس??ن کي ڀرپور قدرتي وسيلن، وسيع زرعي ايراضي، معدني ذخيرن ۽ هڪ نوجوان متحرڪ افرادي قوت سان نوازيو آهي. هن چيو ته عدم اس??حڪام ۽ اس??ن جي سوچ جي جمود سبب خوشحاليءَ طرف اس??ن جو سفر رڪاوٽن سبب ٻه چار آهي. پاڪستان کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪرڻ لاءِ عدم اس??حڪام، معاشي بحالي ۽ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي، اس??ن ماضيءَ ۾ ترقيءَ جا بيشمار موقعا وڃايا، ماضيءَ ۾ ترقيءَ جي موقعن اس??ن جا دروازا کٽڪايا پر اس??ن فائدو کڻڻ ۾ ناڪام وياسين. ??ن جو بنيادي سبب سياسي عدم اس??حڪام ۽ پاليسي ۾ عدم تسلسل رهيو آهي. اس??ن جڏهن 2013ع ۾ حڪ??مت ۾ آياسين اس??ن کي دهشتگردي، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ۽ معاشي بحران آڏو هئا. اس??ن اهڙا قدم کنيا جو 2018ع تائين ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو. هن چيو ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي، ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، اس??ن جي پُراڻي دوست چين 29 ارب ڊالرن جي سي پيڪ تحت سيڙپڪاري ڪئي. هر وقت سفارتڪار منهنجي آفيس ۾ ويٺل رهندا هئا اس??ن ڪنهن به طرح سي پيڪ ۾ صنعتي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. سي پيڪ جهڙن منصوبن ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر اعتماد کي بحال ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان 2018ع ۾ هڪ اهڙي حڪ??مت آئي جنهن پوري دنيا ۾ پاڪستاني قوم کي چور ڊڪليئر ڪيو. جيڪي منصوبا اس??ن شروع ڪيا انهن کي روڪيو ويو. هن چيو ته مونکي جيل ۾ رکيو ويو، سرعام چور ڦورو چيو ويو. سي پيڪ کي بند ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، سمورا سيڙپڪار ملڪ مان ڀڄي ويا. هڪ ڀيرو اس??ن پوءِ فائيو ايز معاشي بحاليءَ جو فريم ورڪ جو نئون روڊ بڻايو آهي. منصوبا بندي وز??رت ڊولپمينٽ فريم ورڪ فائيو ايز تحت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ ترقيءَ جي راهه تي ٻيهر آڻڻ جو منصوبو پيش ڪيو آهي، جنهن تحت روانگي واپار، ڊجيٽل ترقي، ماحوليات، توانائي ۽ـ مساوات کي ترجيح ڏني وئي آهي. گذريل 16 سالن دوران حڪ??مت مهانگائي تي قابو آڻڻ، معاشي اس??حڪام لاءِ سخت قدم کڻڻ ۽ عالمي مالياتي ادارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. معاشي ترقي لاءِ مضبوط پاليسين جو تسلسل ضروري آهي. ملڪ کي ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي آڻي هڪ مضبوط معيشت ۾ تبديل ڪرڻ حڪ??مت جو عزم آهي. احسن اقبال چ??و ته وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪست??ن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سڀ کان اهم عنصر اعتماد جي بحالي آهي. هن وقت حڪ??مت جو سڀ کان وڏو چئلينج هي ملڪ کي اس??حڪام طرف وٺي وڃڻ آهي جنهن ۾ نجي ادارا ۽ سول سوسائٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.