اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿا??ند?? واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزارت جي سينئر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿا??ند?? واري وزارت جي اعليٰ عم??دا??ن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز ۽ مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، وزارت ۾ جاري منصوبن ۽ شعبن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته رٿا??ند?? واري وزارت جي ڪارڪردگي کي سڌارن جي نتيجي ۾ مثالي بڻايو ويندو. هن چيو ته عم??دا??، شعبن جا سربراهه ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز پنهنجي شعبن بابت واضح حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. هن چيو ته سي پيڪ سينٽر آف ايڪسيلينس کي تحقيق جو مرڪز بڻجڻو پوندو. سينٽر آف ايڪسيلينس سي پيڪ جي ٻئي م??حلي جي منصوبن لاءِ مستند تحقيق تي ٻڌل مواد فراهم ڪري حڪومت جي رهنمائي ڪري. هن چيو ته جائزي اجلاس ۾ باقاعدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، آفيسرن، شعبن ۽ جاري منصوبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.