اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي جي قيام ??اءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئ??ن جي ??رٽ??ڪل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حو??لو ڏيندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 4 سينيٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئ??ن جي ??رٽ??ڪل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائندگي جي تناسب سان پارلياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پارٽي مان خاص ڪميٽي جي قيام ??اءِ ميمبر نامزد ڪري. سينيٽ مان به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر تر??ن ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.