دوحه – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قطر جي خصوصي دوري دوران پنه??جي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قطري قيادت سان لاڀائتن خي??لن جي ڏي وٺ جو منتظر آهيان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنه??جي پوسٽ ۾ هن چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الث??ني جي دعوت تي دورحه پهتو آهيان. ان خصوصي دوري دوران پنه??جي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قطري قيادت سان نتيجاخيز خي??لن جي ڏي وٺ جو منتظر آهيان. هن چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪندڙ خصوصي نمائش جو پڻ افتتاح ڪندس.