دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري دوحه کان وطن واپس روانو ٿي و??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوحه جي عالمي هوائي اڏي ??ي قطر جي ثالثي مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي، پاڪستاني سفير ۽ سفارتي عملي جي ٻين عملدارن وزيراعظم کي رخصت ڪيو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ وزيراعظم ??ان ملاقات ڪئي. ان کانسواءِ هن قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني آرٽ ۽ ڪلچر جي فروغ جي حوالي ??ان نمائش ”منظر“ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم ??ان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي و??د ملاقات به ڪئي.