اسلام آباد – 05 – ??ومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ اي?? سي جي قافلي تي خارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اي?? سي اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو آه??. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ اي?? سي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جون عظيم قربانيون آه??، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ مان فتنه الخوارج جي لعنت جي خاتمي لاءِ مصروف عمل سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آه??، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.