اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا جو پائدار سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي ذريعي آبي وسيلن، ڪلائيمنٽ پيٽرن ۽ زرعي ضرورتن جي ب??ري ۾ صحيح ۽ حقيقت تي ٻَڌل ڊيٽا حاصل ٿئي ٿي. هوءَ ڪالهه هتي ”بدلجندڙ آبهوا ۾ بهتر پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ جامع پاليسي ??ڌا??ن“ جي موضوع تي پارلياماني ڊائلاگ سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. هن چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي استعمال سان پاڻيءَ جو مناسب استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ڊيٽا جو پاليسي سازيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي وزارت، آءِ ٽي کي ??ٿي ڏيڻ ۽ بهتر پبلڪ سروسز ڊليوري لاءِ ڊيٽا کي ??هچ جوڳو بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ ان جي اهم ڪرار جي نشاندهي ڪري ٿي، آءِ ٽي وزارت جدت، ڊجيٽل منتقلي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي شعبي ج?? روانگي واپار ۾ واڌ ٿي رهي آهي.