سرگوڌا – 07 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ سرگوڌا يونيورسٽي ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي ??حيحون ٿيون آهن جنهن تحت سرگوڌا يونيورسٽي جي شاگردن کي اي پي پي ۾ انٽرن شپ ڏني ويندي جڏهن ته ٻئي ادارا گڏجي م??تلف ٽريننگ ورڪشاپس منعقد ڪندا. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل صحيحن واري تقريب ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي ??ائ??س چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس مفاهمت جي يادداشتن تي ??حيحون ڪيون.
جڏهن ته ان موقعي تي ??يسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر يونيورسٽي ۾ صحافتي قدرن جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب پڻ ڪيو جيڪو سرگوڌا يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ پاران منعقد ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي ??ي پي پي ايمپلائيز يونين جو صدر خضر ملڪ، اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن جو انچارج مخدوم شاهه لطيف، ملڪ سليم اختر، راجا نديم اقبال ۽ ٻيا موجود هئا.