باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) ??ي ايڊمنسٽريٽر اچيم اسٽينر آذربائيج??ن جي شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نا??ب وزيراعظم ۽ يو اين ڊي پي ??ي ايڊمنسٽريٽر پاڪستان ۽ يو اين ڊي پي جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي موافقت، ٻوڏ کان متاثر ڪميونٽيز جي لاءِ امداد ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اسرندڙ ملڪن جي رعايتي ماليات تائين پهچ ۽ هن سال 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ منعقد ”سمٽ آف دي فيوچر“ ڪانفرنس دو??ان ڪيل واعدن تي عملدرآمد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دو??ان نا??ب وزيراعظم عالمي مالياتي ادارن ۾ اسرندڙ ملڪن جي نمائندگي وڌائڻ تي زور ڏنو.