راولپنڊي-15 نومبر (اي پي پي) بحرين جي نائب فرمانروا ڀائر ملڪن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ وارين ڪوششن جي اعتراف ۾ ايئر چيف مارشل کي بحرين ميڊل فرسٽ ڪلاس جي اعزاز سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل کي بحرين جي ساخر ايئر بيس تي م??ڊل سان نوازيو ويو. تقريب ۾ بحرين جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. ايئر چيف مارشل ميڊل ڏيڻ تي بحرين قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. ايئر چيف مارشل ظهر احمد سڌو سان ب??رين انٽرنيشن?? ايئر شو جي م??قعي تي آمريڪي ايئر فورس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ڊيرڪ فر??نس جي م??اقات به ٿي. ايئر چيف مارشل ٻنهي اسٽريٽجڪ پارٽنرز وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪمانڊر سينٽرل ڪمانڊ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. بحرين انٽرنيشن?? ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جي ايف-17 بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن شرڪت ڪئي. بحرين جي فرمانروا ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جٿي جي شرڪت کي ساراهيو.