اسلام آب??د-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) ۽ ا??ٽيٽ بئنڪ طرفان کنيل قدم اهميت رکندڙ آهن ۽ ان سان مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ راهه هموار ٿيندي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيش?? جي چيئرمين سان وروچوئل ميٽنگ ۾ ڪئي. ان موقعي تي ترجيحي شعبن لاءِ مالي معاونت جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيش?? جي چيئرمين ظفر مسعود، ناڻي واري وزير کي ايسوسيئيشن طرفان جامع ۽ پائيدار مالياتي نظام جي قيام لاءِ مختلف منصوب?? جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ??جو??ز ڏني ته اليڪٽرانڪ ويئر هائوس، ريسيپٽ فنانسنگ، ايس ايم اِي انڊيڪس، ڪارپوريٽ فارمنگ فنانسنگ، فن ٽيڪ ڪمپنين لاءِ وينچر ڪيپيٽل فنڊ، زرعي ڪوآپريٽوز جي بحالي ۽ مالياتي ڊيٽا ايڪسچينج جي قيام جهڙا منصوبا مالياتي نظام ۾ ڊگهي مُدي واري تبديلي آڻڻ لاءِ اهم ٿي سگهن ٿا. هن پنک?? جي فنانسنگ، اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فنانسنگ، ٽيوب ويل?? جي سولرائزيشن ۽ ايس ايم ايز فنانسنگ لاءِ مارڪ اپ سبسڊي ۽ فرسٽ لاس ڪوريج جهڙن قدم?? جي به ??جو??ز ڏني جيڪي فوري طور اثر وِجهي سگهن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ناڻي واري وزير کي پي بي اي جي ??جو??ز ڪيل مختلف منصوبن تي اڳڀرائيءَ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي بي اي طرفان پيش ڪيل ڪجهه ??جو??زون بلڪل واضح آهن ۽ ا??ٽيٽ بئنڪ ا?? جي عملدرآمد لاءِ ضروري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ ??جو??ز ڏني ته اهڙيءَ طرح جي ??جو??زن تي عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل حصيدارن وچ ۾ خاص ڪري ٽيليڪام ۽ پاور ڪمپنين سان مشاورت کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ته جيئن زراعت ?? ايس ايم ايز شعبن لاءِ ڊيٽا جمع ڪرڻ ۽ ا??ڪور ڪارڊ تيار ڪرڻ جي بنياد تي پائيدار فنانسنگ لاءِ قدم کڻي سگهجن. ناڻي واري وزير پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ ا??ٽيٽ بئنڪ جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهي قدم نه صرف اهم آهن پر ان ذريعي مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن زور ڀريو ته اهي قدم جيڪي مختصر وقت ۾ اثر وِجهي سگهن ٿا، انهن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وقت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن انهن قدمن کي ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪري سگهجي ۽ ايندڙ سال جي شروعات تائين ان کي عملي طور شروع ڪري سگهجي.