لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وا??و وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وا??و وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصا??ي معاملن وا??و وفاقي وزير احد خان چيما شامل هوندا. رياستي ۽ سرح??ي معاملن وا??و وزير انجنيئر امير مقام، وزيراعظم جو صلاحڪا?? راڻا ثناءُ الله، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر خان مندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مقرر ڪيل ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.