اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب پاڪستان ۾ بنگلاديش جي عهدو ڇڏيندڙ هاء?? ڪمشنر محمد روح العالم صديق وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي. بنگلاديشي ??اء?? ڪمشنر پاڪستان ۾ پنهنجو چار سالن جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هاء?? ڪمشنر جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بنگلاديش جي هاء?? ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.