اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ?? ٻطرفي سياسي مشاورت جو 13هون دور ڪالهه سومر ڏينهن اوسلو ۾ ٿي??، ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پ??ڏي??ي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ناروي جي پ??ڏي??ي وزارت ۾ علائقائي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل سگني بروڊسيٽ پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ قابل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماهيگيري ۽ سامونڊي شعبي، آبهوا، ??عليم، صحت ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۾ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ?? لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ڌرين پاڪستان ناروي لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون جي لاءِ رفتار وڌائڻ ۽ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب پاڪستان ناروي ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون دور ايندڙ سال اسلام آباد م گڏيل طور تي طئي ٿي?? تاريخن تي ٿي??دو.