اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير چ??ڌري سالڪ حسين سان آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي ۽ دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، دهشتگردي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. وفاقي وزير چ??ڌري سالڪ حسين چيو ته ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ، سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جو حل ترجيحن ۾ شامل آهي. وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جن جي آئين ضمانت ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم واري وزارت جي ماتحت 18 هزار کان وڌيڪ مدرسن جي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، مدرسن جي شاگردن کي جديد فني تعليم فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز چيو ته آسٽريليا مدرسن جي شاگردن کي جديد فني تعليم ڏيڻ لا??ِ پاڪستان جي مدد لا??ِ تيار آهي، نفرت ۽ عدم برداشت ٻه بنيادي عمل آهن جيڪي تشدد ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏيندا آهن. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چ??و ته بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ معاشري ۾ محبت، برابري، رواداري ۽ برداشت جهڙن جذبن کي هٿي ڏيڻ سان ئي ممڪن آهي. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر يونان ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هنرمند پاڪستانين کي آسٽريليا ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لا??ِ پرعزم آ??يو??. وفاقي وزير چ??ڌري سالڪ حسين چيو ته غير قانوني انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لا??ِ پاڪستان حڪومت وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان روزگار لا??ِ پرڏيهي ملڪ ويندڙ ماڻهن کي جديد هنر سيکارڻ لا??ِ پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي. ملاقات ۾ انتهاپسندي ۽ شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لا??ِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.