اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، پاڪس??ان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين پيدائش واري ڏينهن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قوم لاءِ ڪيل خدمتن کي کيس سلام پيش ڪريون ٿا، قائداعظم هڪ سياسي جدوجهد ذريعي تاريخ جي ڌارا تبديل ڪئي، قائداعظم جي ويزن، عزم ۽ استقلال عيوض ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد وطن جو قيام ممڪن ٿي سگهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان جي تاريخ جي هڪ نازڪ ترين دؤر ۾ قائداعظم جي قيادت سندس غير معمولي صلاحيتن جو ثبوت آهي. قائداعظم هڪ وڪيل، مدبر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻ طور تي مسلمانن جي حقن جي ڀرپور وڪالت ڪئي. هن پاڪس??ان جو ڪيس نهايت وضاحت ۽ يقين سان پيش ڪيو. هن هڪ اهڙي ڌار وطن جي ضرورت تي زور ڀريو جتي مسلمان آزاديءَ سان پنهنجي مذهب تي عمل پيرا ٿي سگهن ۽ پنهنجي ثقافت، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري سگهن. هن چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪس??ان جي آئين ساز اسيمبلي مان سندس تاريخي خطاب اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي ان تقرير ۾ هن هڪ اهڙي پاڪس??ان جو تصور پيش ڪيو جتي قانون جي حڪمراني هوندي، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ هر شهري بنا ڪنهن فرق جي رياست جي سامهون برابر هوندو. انصاف ۽ رواداري جا اهي اصول نه صرف قائد جي فلسفي جو بنياد آهن پر اهي اصول آهن جن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ اسان کي اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. صدر مملڪت چيو ته جيتوڻيڪ اسان مختلف شعبن ۾ اعليٰ ترقي ڪئي آهي، پر هڪ خوشحال ۽ انصاف تي ٻڌل قوم بڻجڻ جو سفر اڃان جاري آهي، قائداعظم جي هڪ جهموري ۽ خود ڪفيل پاڪس??ان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي سماجي انصاف، معاشي برابري ۽ قانون جي حڪمراني جا قدر برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي تعليم تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ پاڪس??ان جي روشن مستقبل لاءِ کين علم ۽ هنر سان نوازڻو پوندو. اسان کي معاشري جي پيڙهيل طبقن جي بهتري لاءِ به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ پر امن ۽ اعتدال پسند پاڪس??ان جي خواب جي تڪميل لاءِ اسان کي پنهنجي سرحدن جي اندر ۽ ٻاهر هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻي آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن اسان قائد جو جنم ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو اسان قائداعظم جي نظرين کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اپنائڻ جي عهد جي تجديد ڪيون. سندس ٻڌايل ”اتحاد، يقين محڪم ۽ تنظيم“ جي اصولن کي قومي هم آهنگي ۽ ترقي لاءِ مشعل راهه بنايون. اچو اسان هڪ اهڙي پاڪس??ان جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪيون جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جي ويزن جي عڪاسي ڪري. هڪ جمهوري ۽ خوشحال پاڪس??ان جتي هر شهري کي پنهنجون ڀرپور صلاحيتون نکارڻ جو موقعي ملي سگهي.