ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته جديد گهرجن سان هم آهنگ خودڪار نظام سان پُراڻي نظام جو خاتمو ٿيندو، سمورن شعبن ۾ اي – گورننس جو نظام لاڳو ڪنداسين، بجلي جوگردشي قرض 2500 ارب رپيا آهي، ڊسڪوز صوبن کي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، مشاورت سان ان جا ٽي او آرز طئي ڪنداسين، حڪومتي قدمن جي ڪري روانگي واپار ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪس سڌارا لازمي آهن، اڏار پاڪستان پروگرام جي ڪاميابي جي لاءِ سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، سنڌ جو گورنر ڪ??مران خان ٽيسوري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ موجود هئا. وزيراعظم ??يو ته ايف بي آر ڪ??ٽمز ۽ ڪراچي پور?? جي ??في??رن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، ان ڪاميابي جي قوم کي ڊگهي عرصي کان اميد هئي، ملڪ جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهو لازمي امر هو، ان نظام سان درآمد ڪندڙن ۽ ڪسٽمز ??في??رن جي وچ ۾ سڌوسنئون انساني مداخلت گهٽ ٿيندي. هن ??يو ته ان نظام سان کيپ جي ڪليئرنس کي جلد کان جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي، هڪ ئي ڇت هيٺ سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، چاهيان ٿو ته انساني مداخلت بلڪل ختم ٿئي. هن ??يو ته ٽن هفتن کان اهو نظام ڪم ڪري رهيو آهي، جديد نظام تحت ڪليئرنس جو عمل 107 ڪلاڪن مان گهٽ ٿي 19 ڪلاڪن تي اچي چڪو آهي جيڪا نمايان ڪاميابي آهي، 88 سيڪڙو درآمد ڪندڙ ان سان مطمئن آهن. هن ??يو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ايف بي آر ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وصولين ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪسٽم، سيلز ٽيڪس سميت ٻين اوڳاڙين ۾ اضافو ضروري آهي. هن ??يو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪرڻي پوندي، ٽيڪس چوري ۾ گهٽتائي ٿيندي ته سيڙپڪارن جو حوصلو وڌندو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، اسان جي اوڳاڙين جي هدفن ۾ 400 ارب رپين جو فرق آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 10.6 سيڪڙو هدف هو جيڪو 10.8 سيڪڙو حاصل ڪري چڪا آهيون، ايف بي آر کي ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٽيڪس چوري جي ذريعي ملڪ جو پئسو کاڌو پ??و وڃي، اسان ان جي روڪٿام تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي. هن ??يو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري معاشي انگ اکر مستحڪم آهن، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، مهانگائي 38 سيڪڙو کان 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار 11 سيڪڙو وڌيو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 24 سيڪڙو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن ??يو ته معاشي ترقي هدف آهي جنهن جي لاءِ پيداوار ۾ اضافي، نوڪرين جي فراهمي، روانگي واپار ۽ صنعتن جي فروغ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم ??يو ته اڏار پاڪستان ۾ سڀني جي محنت سان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا، اسان سڀني کي گڏجي ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻو آهي، اسان هڪ آهيون ته بجلي جون قيمتون گهٽ ڪنداسين، بجلي جوگردشي قرض 2500 ارب رپيا آهي، ان ۾ بجلي چوري سميت ٻيا عمل شامل آهن، ڊسڪوز صوبن کي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، مشاورت سان ان جا ٽي او آرز طئي ڪنداسين، ڪاروبار ۾ آساني جي ڏس ۾ اهو نظام هڪ مثال آهي. هن ??يو ته بندرگاهن سميت سمورن شعبن ۾ اي – گورننس جو نظام لاڳو ڪنداسين.