اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار ڪراچي کان سکر مو??ر وي جي تعمير هلندڙ سال 2025ع ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه??، ڪراچي سکر مو??ر وي پراجيڪٽ کي پبلڪ پرائيويٽ پا??ٽنرشپ طور تي شروع ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن خاص کاتيوار اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ان مو??ر وي جي شروعات ڪراچي پورٽ کان ٿيندي ۽ ان کي سکر مو??ر ??ي سان ڳنڍيو ويندو، اهڙيءَ طرح ڪراچي کان سکر مو??ر وي کان پوءِ ملڪ ۾ نارٿ، سائوٿ مو??ر وي جو نيٽ ورڪ مڪمل ٿي ويندو. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي سکر مو??روي پراجيڪٽ کي پبلڪ پرائيويٽ پا??ٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن پبلڪ پرائيويٽ پا??ٽنرشپ ميسر نه ٿي ته حڪومت پاڻ ان مو??ر وي جو خرچ کڻندي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ 25 سالن ۾ اها مو??ر وي حڪومت کي 3 هزار ارب رپيا منافعو ڪمائي ڏيندي. هن چيو ته ڪراچي سکر مو??ر وي جو ڪم انشاءَ الله 2025ع ۾ جلد کان جلد شروع ڪري ڇڏيندي ته جيئن قومي ترقي جي ان اهم منصوبي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي.