اسلام آباد- 29 ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر مملڪت آصف عل?? زرداري سوسائيٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 2024ع تي صحيح ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب صدر آصف عل?? زرداري سوسائيٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 2024ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ترجمان چيو ته صدر جي صحيحن سان ئي بل قانون بڻجي ويو آهي، قومي اسيمبلي گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ??اءِ پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ڏانهن خط موڪلي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو ته قانون تحت ديني مدرسن ج?? رجسٽريشن سوسائٽيز ايڪٽ موجب ٿيندي، هي معاملو افهام و تفهيم سان حل ڪيو ويو آهي.