اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانونسازي پارليامي??ٽ جي بنيادي ذميواري آهي، ان کي سياسي ايجنڊا سان مشروط ڪرڻ غيرپارلياماني، غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهي. پنهنجي ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان مخالف ??ر جي اکين ۾ ان لاءِ کٽڪي ٿو جو هو پنهنجي ذات جي نه پاڪستان جي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيو آهي.