اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي پرڏيهي آف??س جو د??رو ڪيو، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن اما?? جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي.