اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ مهانگائي، ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعلي?? سطحي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ صوبن وزيراعظم کي ضروري شين جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم عم??ان خان صوبائي حڪومتن کي ملاوٽ ڪندڙ عنصرن جي خلاف فوري ڪارروائي، فوري طور تي پرائس مانيٽرنگ، ني??نل ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي اطل??عا?? ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي??دي چيو ته وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي، ملاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.