اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلان کي ن??ين سر ترتيب ڏيڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ماهر ٽائون پلاننگ خيال زمان، ن??ين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين، هائوسنگ جي سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪرٽري سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جا اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ جي ذري??ي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز جو حاضر ??ور جي ضرورتن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ ن??ين سر جوڙڻ جي حوالي سان هيستا??ين جي ??ڳڀ??ائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.