اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس ??ي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير، گلگت ب??تستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 93 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت ??ڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 726 آهي، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 157 ٿي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض ??ڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 521 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 384، پنجاب ۾ 8 هزار 907، خ??برپختونخوا ۾ 2 هزار 202، اسلام آباد ۾ 2 هزار 253، بلوچستان ۾ 292، گلگت ب??تستان ۾ 351، آزاد ڪشمير ۾ 132 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 233 ٿي چڪو آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 333، بلوچستان ۾ 13 هزار 321، گلگت ب??تستان ۾ 3 هزار 41، اسلام آباد ۾ 15 هزار 762، خ??برپختونخوا ۾ 36 هزار 663، پنجاب ۾ 97 هزار 306 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 807 مريض آهن.