اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ن??شن?? ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 426 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 830 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 641، پنجاب ۾ 9 هزار 75، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 246، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 894، بلوچستان ۾ 509، گلگت بلتستان ۾ 251، آزاد ڪشمير ۾ 214 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 506 ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽر?? تي نه آه?? جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽر?? تي 96 ڪورونا جا مريض آه??، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 659 آه?? جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 340، بلوچستان ۾ 13 هزار 402، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 68، اسلام آباد ۾ 15 هزار 780، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 711، پنجاب ۾ 97 هزار 389 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 969 مريض آه??، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 359 آه??.