پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ وقت هو ته ملڪي سربراهه به لنڊن ۾ نه پر پاڪستان ۾ پنهنجو علاج ڪرائيندا هئا، 70ع جي ڏهاڪي ۽ نيشنلائيزيشن کانپوءِ تعليم ۽ صحت جي ادارن جو معيار گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو، حڪومت ميرٽ جو نظام لاڳو ڪندي، امير ۽ غريب سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، ليڊر ريڊنگ اسپتال کي ماڊل بڻايو ويندو، ايم ٽي آءِ نظام جو مقصد ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ?? ڪم نه ڪندڙن جي حوصلا شڪني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ سرجيڪل ۽ الائيڊ سدروسز بلاڪ جي افتتاح جي موقعي تي ڊاڪٽرن ۽ طبي عم??ي کي خطاب ڪندي ڪيو.