اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته مدين?? جي رياست جو تصور مان پوري طرح سان رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ ??لا??ي رياست جي شڪل ۾ آڻيُون، اهو هڪ مسلسل ۽ صبر طلب رستو آهي پر اسان قوم جي حيثيت ۾ ان سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انشاءُ الله منزل وڌيڪ پري ناهي ۽ تمام جلد ان جا مثبت اثر پوندا، آئون اڄ معلمِ انسانيت حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي يوم والادت جي موقعي تي وطن واسين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿو ته اهو مهينو مبارڪ اسان سڀن?? جي لاءِ رحمت ثابت ٿئي، عيد ميلاد النبي 1442 هه 2020ع جي موقعي تي قوم جي نالي پ??هن??ي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سرور ڪائنات حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي حيثيت ان ڪائنات ۾ ان بي مثال آفتاب جي آه?? جيڪو غار حرا مان اڀريو ۽ سڄي ڪائنات کي رحمت ۽ همدر??ي جي نور سان منور فرمايو، هن چيو ته خاتم النبيين جي بي مثل تعليمات رهندي دنيا تائين جي نظام ۽ انسانن جي لاءِ مشعل راهه آهن، پاڻ صه خاتم النبيين جي سڄي زند??ي جهد مسلسل، انسانيت جي رهنمائي ۽ دنيا ۽ آخر?? جي ڀلائي تي مشتمل عظيم نظام جي قيام سان لکيل آهي، پاڻ صه اڄ کان 14 سئو سال پهرين پ??هن??ي زند??ي جي مختصر عرصي ۾ هڪ اهڙي مثالي ??لا??ي رياست قائم ڪري ڏيکاري جنهن جي مثال اڄ تائين نٿو ملي.