اسلام آباد – 06 – ما??چ (اي پي پي) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب عوام ۽ پگهاردار طبقي جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهڙي ??رح وزيراعظم ختم نبوت جو جهنڊو بلند ڪيو آهي الله ??اڪستان ۾ عمران خان جو جهنڊو بلند ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته ما??ي ۾ مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ڏهه، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عمران خان تباهه حال معيشت کي جهڙي ??رح سهارو ڏنو ۽ 20 ارب ڊا??ر جي خساري کي سرپلس ڪيو آهي ان جو ما??ي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته مون ما??ي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جهڙي ??رح عمران خان ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي سال گذري ويا آهن، الله ??زيراعظم کي نئين سياسي زندگي ڏني آهي. وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب عوام ج?? حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.