اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي وڏي نعمت آهي، ميڊيا مث??ت تنقيد جي ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ معاونت ??ري.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ نجي ٽي وي چينل جي صحافي حبيب اڪرم سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمرانن کي قانون ٽوڙڻو هوندو آهي ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پ??ءِ ڪرپٽ عملدار آزاد ميڊيا کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هجي ته پوءِ آزاد ميڊيا کان ڊڄندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته ميڊيا جو ڪم مثبت هجڻ گهرجي، غلط اطلاع کان پ??سو ڪرڻ گهرجي ۽ مث??ت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي.