اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪام??اب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪام??اب پاڪستان پروگرام نه رڳو نوجوانن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مش??نر?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي شعبي ۾ به نمايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪام??اب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو پ??ريو اهڙو پروگرام آهي جيڪو ماڻهن کي روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مش??نر?? حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.