اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چي?? آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو بهترين رست?? آهي، عالمي برادري افغان عوام جي معاشي مدد ۽ ن??ين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري. وزيرا??ظم عمران خان سان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عز?? کي ورجايو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيرا??ظم زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي، افغانستان جي عوام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيرا??ظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام جي معاشي مدد ڪرڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ افغانستان جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم آمده ايڪسپو 2020ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي ولي عهد کي مبارڪباد ڏني. هن ان ميگا ايونٽ جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ۽ ولي عهد گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.