اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي خوفزده ڪرڻ جي خلاف تحفظ ۽ انهن کي ور??ثت جا حق فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ انصاف تي ٻڌل معاشرا ئي ترقي ڪندا آهن، پاڪستان ۾ به اجتماعي ڪوششن ??ان اهڙو معاشرو جوڙي سگهجي ٿو، محتسبين جي منصفاڻي فيصلن جي نتيجي ?? سائلن خاص طور عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي حوالي ??ان حوصلا افزائي ٿيندي، ان حوالي ??ان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي،
هو ايوان صدر ۾ حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ حراسيت جي خلاف تحفظ ۽ عورتن جي جائيداد جي حقن جي مناسبت ??ان هڪ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر حراسيت جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق گڏيل قومن جي اداري يو اين ويمن جي سربرهه شرميلا رسول به تقريب کي خطاب ڪيو، تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، مختلف شعبن ??ان تعلق رکندڙ ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر عورتن کي هر قسم جي حراست کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي ور??ثت جا حق فراهم ڪرڻ جي اه??يت کي اجاگر ڪندي چيو ته تاريخي لحاظ کان دنيا جي سڀني معاشرن ۽ خاص طور تي اولهه ۾ عورتن جا حق غصب ڪيا ويندا رهيا آهن، پر اسلام 1400 سال اڳ عورتن جي عزت ۽ تڪريم ??ان گڏ انهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني هئي.
هن چيو ته عورتون فڪري صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن به طرح ڪمزور نه آهن، تعليم ۽ شعور ??ان عورتن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا وسيع ٿيا آهن، صدر چيو ته عورتون پنهنجي صلاحيتن جي ڪري معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي جيتوڻيڪ انهن کي هاڻي به معاشرتي تعصب درپيش رهندا آهن، هن حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتن کي ان حوالي ??ان به ڀرپور آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجي خلاف ڪنهن به قسم جي نامناسب روين جي خاتمي ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ ان جي خدمتن مان فائدو وٺي سگهن. هن چيو ته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ جي لاءِ انهن کي مڪمل تحفظ جي خاطري ڏيارڻ ضروري آهي.
صدر معاشرتي براين کي روڪڻ لاءِ قانون جي موجودگي، ان تي عملدرآمد، سزا ۽ جزا جي صورتحال ۽ معاشرتي رد عمل جي اه??يت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ان حوالي ??ان شعور ۽ مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا ۾ معاشرتي ڪمزورين جي عڪاسي ??ان گڏوگڏ سٺي قدرن ۽ رويتن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر عارف علوي سڀني محتسبن تي زور ڏنو ته هو جيترا سٺا فيصلا ڪندا اوترو ئي شهرين ۽ خاص طور تي عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ انهن ??ان رجوع ڪرڻ جي حوالي ??ان حوصلا افزائي ٿيندي.
ان موقعي تي حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ڪمن جي باري ۾ ڊاڪٽيومينٽري جڏهن ته مختلف شعبن ۾ عورتن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو.